پيـر باقر شاھ جو قبـرسـتان

پيـر باقر شاھ جو قبـرسـتان (جيلانيءَ وارو مقام): هي قبرستان ڪلھوڙا - ٽالپر دور ۽ نئين دور جو قديم قبرستان آهي، جيڪو ديھه ڏيسوئي، تعلقي ٿاڻي بولاخان، ضلعي ڄام شوري ۾ آهي. ھي قبرستان ٿاڻي بولاخان شھر کان ڪلوميٽر ڏکڻ طرف آھي. قبرستان ۾ قبرن جو تعداد ججھو آھي، جيڪي سيمنٽ يا چيروليءَ سان لنبيل آھن. ڪن تي پراڻي دؤر جون ڪاشيءَ جون سرون لڳل آھن. جن تي نيرو رنگ ٿيل آھي ۽ اهي اوائلي اسلامي دؤر واري ڪاشيءَ سان ڀيٽڻ جھڙيون آھن. ڪي قبرون پٿر جون آھن. ڪي قبرون ٿلھن تي به ٺاھيون ويون آھن. انھن مان ھڪ قبر ھڪ احاطي اندر آھي، جنھن تي 1279هه/1862ع لکيل آھي. ھن قبر کي ڀت ڏنل آھي ۽ ان تي ڪو ڇتائون مقبرو يا ڇٽي موجود نه آھي. احاطي ۾ ٻيون ڪيتريون ئي قبرون آھن. ھي ماڳ اتر ويڪرائي ڦاڪ 250 24’ 24” اوڀر ڊگھائي ڦاڪ 670 59’ 96”تي موجود آھي. بزرگ باقرشاھه، جنھن جي نالي سان ھي قبرستان سڏجي ٿو، سو ٿاڻي بولاخان وارن سيدن جو جد امجد ھو. قبرستان جا ڪي حصا سٺي نموني سنڀاليل آھن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو